جي اي رحيم

جي. اي. رحيم: پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي پھرئين سيڪريٽري جنرل جي. اي. رحيم جو اصل نالو جلال الدين عبدالرحيم ھو. سندس جنم 1900ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٿيو. ھن ڪيمبرج يونيورسٽي (لنڊن) ۽ ميونخ يونيورسٽي (جرمني) مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ھن پنھنجي ڪيريئر جو آغاز انڊين سول سروس (آئي سي ايس) ۾ شامل ٿي وڏن عھدن سان ڪيو. 1947ع ۾ پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيائين. پاڪستان طرفان مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهيو. 1963ع ۾ جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيھي وزير ھو ته هڪٻئي جا گهرا دوست بنجي ويا. جڏھن 1967ع ڌاري ذوالفقار علي ڀُٽي، پيپلز پارٽي قائم ڪئي ۽ ان جو باني صدر بڻيو ته سيڪريٽري جنرل جي. اي. رحيم مقرر ٿيو. 1972ع ۾ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته جي. اي. رحيم پيداوار کاتي جو مرڪزي وزير مقرر ٿيو. ھن ملڪي صنعتن کي تيزيءَ سان قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي پاليسيءَ تي عمل درآمد ڪيو. اڳتي هلي، هن جا ڀُٽي صاحب سان ڪن پاليسين تي اختلاف پيدا ٿيا. ڊسمبر 1974ع ۾ نه رڳو وزارت کان ڌار ٿيو، پر پيپلز پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل جي عھدي تان به استعيفا ڏئي ڇڏيائين. جي. اي. رحيم 19 اپريل 1986ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو